جيڪب آباد(رپورٽ عبدالغني کوسو) جيڪب آباد تعليم کاتي جي پت وائکي ٿي وئي آهي، چئن سالن دوران پرائمري سائيڊ جا 4007 استاد گوسڙو نڪتا آهن، سال 2018-19 ۾ 112 سال 2019-20 ۾ 398 سال 2020-21 ۾ 363 ۽ سال 2021-22 ۾ 842 گوسڙو نڪتا آهن، مجموعي طور ڄاڻايل 1903 گوسڙو استاد جيڪي 7 سالن جي وڌيڪ عرصي کان مفرور بڻيل آهن جڏهن ته ساڳئي طرح سال 2018-19 ۾ 209 سال 2019-20 ۾ 637 سال 2020-21 ۾ 385 ۽ سال 2021-22 ۾ 1061 استاد جيڪي عارضي طور ڊيوٽي چور آهن مجموعي طور چار سالن جي دوران جيڪب آباد ضلعي ۾ 4007 استاد گوسڙو بڻيل آهن، جڏهن ته اھڙي رپورٽ چيف مانيٽرنگ آفيسر جيڪب آباد پاران ضلعي جي وڏي انگ ۾ 4007 استاد گوسٽ هئڻ  بابت سيڪريٽري تعليم ۽ فنانس کاتي کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ان باوجود به گوسڙو استاد ڪاروائي کان آجا بڻيل آهن تعليم ۽ فنانس کاتي جي اعليٰ اختيارين ڄاڻ هئڻ باوجود گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر بڻجي چُپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي اعليٰ اختيارين جي خاموش هئڻ سبب ضلعي ۾ تعليمي نظام تباهه ٿي رهيو آهي