سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات متاثرن جا مظاهرا

0
337

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات متاثرن جا مظاهرا جاري آھن، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي نيڪال ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف متاثرن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

ٺري ميرواهه، سجاول جوڻيجو، پيروسڻ،  اڪري چودڳي، قمبر، شهدادڪوٽ،  ڀريا روڊ ۽ هنڱورجا ۾ مظاهرا ڪيا ويا

شھدادڪوٽ ۾  ايس يو پي ۽  ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن پاران راشن ۽ خيما نه ملڻ تي مختياڪار ميروخان اسلم مگسي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي  وئي

اڳواڻن الھداد خشڪ  محمد علي چانديو اصف مگسي اقبال ڇانديو  وحيد ڪلھوڙو معشوق خشڪ اويس خشڪ  عاشق عباسي طارق عباسي دولت چانديو وزير بروھي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ اسان جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن مختيار ڪار ميرو خان ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن کي راشن ۽ خيما به نه ڏنا آهن

مظاھرين موجب  مختيار ڪار ڳوٺن کي نظر انداز ڪري رھيو آهي ڳوٺن ۾  ڦولھڙو ڳوٺ قا بل جي واند گبر ڪلھوڙو سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه  ٿيو آهي ۽ نه ئي ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن جي ڪا واھر ٿي آهي جنھن ڪري ڳوٺاڻا بي يارو مدد گار ويٺل آھن

Everything is destroyed': Pakistan flood survivors plead for aid - CNA

 ھنن چيو ته ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن کي راشن خيما ڏيئي واھر ڪئي وڃي ۽ مختيار ڪار ميروخان ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميروخان کي ھٽائي ٻوڏ  متاثرينن جي فنڊن ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو   وڌايو ويندو

متاثرن جو چوڻ آھي تھ هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذري ويو آهي پر پاڻي نيڪال سميت  واهر ناهي ڪئي وئي، برسات ۽ ٻوڏ سبب تباھي آئي آھي، حڪومت ھن وقت تائين ڪي قدم ناھن کنيا، راشن من پسند ماڻھن کي ملي رھيو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي عالمي امداد وٺڻ لاءِ روڪيو ويو، اهو روڪيل پاڻي سنڌ واسين لاءِ ائٽم بم ٿيندو پيو وڃي

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيمارين وڌيڪ 11 حياتيون کسي ورتيون