جيڪب آباد: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري خدا بخش دايو رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گوسڙو ۽ عارضي طور گوسڙو رهندڙ استادن کي سزا ڏني وئي آهي عارضي طور گوسڙو رهندڙ استادن کي ڏنڊ جي صورت ۾ سزا ڏني وئي انهن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري پڻ حاضر ٿيڻ لاءِ آخري ڀيرو وارننگ به ڏني وئي آهي هن چيو ته مڪمل طور گوسڙو رهندڙ استادن جي پگهار خزاني آفيس کان بند ڪرايو ويندو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پي ايس ٽي جي پروموشن جي تصديق واري لسٽ ۾ گوسڙو استادن جا نالا شامل بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا جاچ ڪري گوسڙو استادن جا نالا پروموشن واري لسٽ مان رد ڪري ڇڏيندي ۽ ٻين پرائمري اسڪول ٽيچر کي اڳين گريڊ ۾ ترقي ڏنو ويندو