جوهي (ن پ ا) چيئرمين هندو پنچائت ۽ ضلعي ڪائونسل دادو جي اڳوڻي ميمبر گرمک داس پاران وزير اعظم کي موڪليل درخواست تي عمل ڪندي ڊي سي دادو جي حڪم بعد جوهي ۾ هندن جي مندر تي ٿيل مبينا قبضو ختم ڪرائي مندر واري جاءِ سِيل ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پوليس اٽالا ۽ ليڊيز پوليس ساڻ ڪري مختيار ڪار جوهي عبدالمجيد برماڻي جي اڳواڻي ۾ مندر ۾ داخل ٿي سيل ٿيل مندر جا تالا ٽوڙي داخل ٿيندڙ خاندانن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ مختيار ڪار جوهي جي اڳواڻي ۾ مندر واري گهر کي سيل ڪري پوليس ويهاري ڇڏي آھي. جتي مندر واري گهر مان بي دخل ٿيندڙ سڪندر علي چانڊيو، شاهد چانڊيو، لطيفان، سپنا چانڊيو، اميران ۽ ٻين مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن احتجاج ڪري مندر اڳيان ڌرڻو هنيو. جتي پوليس ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ اڌ ڪلاڪ ڏند چڪ پڻ ٿي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته اسان مندر تي قبضو ناهي ڪيو. 8 مهينا اڳ هندو برادري جي اڳواڻ گرمک داس اي سي جوهي جي اڳيان لکت ڪئي ته اوهان مندر تان قبضو ختم ڪيو. اوهان کي رهائشي پلاٽ هندو برادري خريد ڪري ڏيندي پر ان تي عمل نه ٿيو. ٻئي طرف هندو برادري جي اڳواڻ گرمک داس ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته هندو برادري جي عبادت گاهن مندرن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. اسان جوهي جي مندر تي قبضي خلاف پاڪستان جي وزير اعظم کي درخواست ڪئي ته سيل ٿيل مندر تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضو ٿئي پيو جنهن تي ڊي سي دادو جي حڪم تحت عمل ٿيو آھي جلد هڪ مهيني اندر مندر جو تعميراتي ڪم ڪري هندو برداري جي حوالي ڪيو ويندو.