گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان امان الله واسو جي مڱ فهميدان واسو کي ٻئي نوجوان سان پرڻائڻ واري مامري تان ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيروبالاچ شاهاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، امان الله واسو ۽ درگاهي واسو جون ڌريون پهتيون، امان الله واسو کي ڏنل فهميدان واسو جي ٻئي نوجوان سان شادي ڪرائڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 15لک درگاهي واسو واري ڌر مٿان ڏنڊ رکيو ويو،امان الله واسو پاڪ ڪتاب تي هٿ رکندي چيو ته جهيڙي ۾ 40 لک خرچو اچي چڪو آهي، سرپئنچ بالاچ شاهاڻي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد درگاهي واسو واري ڌر مٿان مجموعي طور 55 لک ڏنڊ وڌو. ذريعن موجب ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، ڌريون هڪ ٻئي مٿان داخل ڪرايل ڪيس واپس وٺنديون. سرپئنچ بالاچ شاهاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جرڳو نه پر ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي رنجشون ختم ڪرايون آهن، ڪابه ڏنڊ جي رقم ناهي رکي وئي.امان الله واسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪارنهن جو ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو، پاڻ ۾ سڱاوتي معاملي تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي ڳالهين ذريعي ختم ڪيو آهي. درگاهي واسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته غريب آهيون ڏنڊ جي ايتري رقم ڪٿان آڻينداسين، دل چوي ٿي ته خود ڪشي ڪري ڇڏيان، هوڏانهن عادلپور پوليس ٿيل جرڳي کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي.