ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي ايم سي جي اينٽي انڪروچمينٽ شعبي جي سينيئر ڊائريڪٽر بشير صديقي ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيوي مشنري سان الادين پارڪ جي شاپنگ مال کي ڊاهڻ جو سلسلو جاري آهي، الادين شاپنگ مال ۽ پويلين اينڊ ڪلب ۾ 15 سيڪڙو حددخليون ڊاهي ڇڏيون آهن شاپنگ مال ۾ واقع وڌيڪ دڪانن کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پويلين اينڊ ڪلب جو گيٽ، سيڪيورٽي چوڪي ۽ ڀتيون به ڊاهي پٽ ڪيون آهن، مڪمل اڏاوتون ڊاهڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بشير صديقي چيو ته ڪي ڊي اي آفيسرز ڪلب ڪشمير روڊ تي به حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي، اتي غيرقانوني طور تي اڏيل شادي هالز ڊاٺا پيا وڃن. هن چيو ته ايس ٽي 14 جي پلاٽ تي اڏيل 6 دڪان، 8 گدام ۽ 7 ڪمرا ڊاهي ڪي ڊي اي جي 3 ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي، اها زمين پارڪ لاءِ مختص ڪيل هئي