اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وچ ۾ تلخ ڪلامي، سخت جملن جي ڏي وٺ، تفصيل موجب پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تحت قرارداد جي متن تي غور لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺاهڻ جا اختيار اسپيڪر کي ڏيڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي ته ان کان اڳ نواز ليگ جو شاهد خاقان عباسي ان مامري تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪندو رهيو، جيڪو نه ملڻ تي هو ڪاوڙ ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ڊائيس وٽ پهچي ويو، شاهد خاقان عباسي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي شرم نه ٿو اچي، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر شاهد خاقان عباسي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجي زبان ٺيڪ رکو توهان هميشه اهڙي ٻولي استعمال ڪريو ٿا ۽ اهڙو ئي طرز عمل اختيار ڪندا آهيو، توهان پنهنجي حد ۾ رهو ۽ وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهو، شاهد خاقان عباسي کيس مخاطب ٿيندي چيو ته مان توهان کي جوتو لاهي هڻندس ته اسپيڪر قومي اسيمبلي کيس مخاطب ٿيندي چيو ته مان به اهو ئي ڪم ڪندس، جنهن کان پوءِ شاهد خاقان عباسي پنهنجي سيٽ تي ويو، ۽ تقرير ڪئي، ان بعد به اجلاس جي ڪارروائي هلائڻ جي طريقي تي اعتراض ڪندي شاهد خاقان عباسي اسپيڪر قومي اسيمبلي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اجلاس جي ڪارروائي هلائڻ سکو.