جوابدار اڃا گرفتار نه ٿيا، عدالت مان انصاف جي اميد آهي: پروين رند

0
313
جوابدار اڃا گرفتار نه ٿيا،

نوابشاهه (ن پ ا) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي  جي شاگردياڻي پروين رند چيو آهي ته مون کي عدالت ۽ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد خادم رند تي مڪمل اعتماد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو

 عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي پروين رند چيو ته پوليس تي اعتماد آھي به ۽ نه به، پوليس تي بي اعتمادي ان ڪري آھي ته اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا آھن ۽ اعتماد ان ڪري آھي ته متان جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

يونيورسٽي جي ھراسمنٽ سيل ڪميٽي اڳيان پيش نه  ٿيڻ جي سوال تي پروين رند چيو ته مان ان باري ۾ ڪجھ نه چونديس

پروين رند جو چاچو علي نواز رند چيو ته ھن ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاء اسان خلاف سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، مان ن ليگ ۾ ھئس مون خلاف ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا

هن کان پروين رند پيرين اگهاڙي عدالت پهتي، جج موڪل تي هجڻ ڪري پروين رند کي ٻه مارچ جي تاريخ  ڏني وئي جنهن تي پروين رند چيو ته  ٻه مارچ تي ضرور پيش ٿينديس ۽ عدالت مان انصاف جي اميد آهي

ھي به پڙھندا

نوشين ڪاظمي واقعي جي جڊيشل انڪوائري شروع، الماس ۽ پروين رند جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ