نوابشاهه: پروين رند ھراسمينٽ سيل جي ڪميٽي ۾ پيش نه ٿي

0
244
نوابشاهه: شاگردياڻي کي

نوابشاهه (ن پ ا) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي  انتظاميه اندر قائم ٿيل ھراسمينٽ سيل ۾ پروين رند پيش نه ٿي،  جڏهن ته ھراسمينٽ سيل جي ڪميٽي ۾ تشدد الزام هيٺ آيل پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فريدہ، وارڊن ڊاڪٽر فرين، ڊاڪٽر عاتڪه ۽ ٽي شاگردياڻيون پيش ٿيڻ لاءِ انتظار ڪنديون رھيون، هاڻي ڪميٽي ٻئي ڏينهن تي وينهندي

چيف جسٽس جي حڪم تحت يونيورسٽي انتظاميه ھراسمينٽ سيل ڪميٽي ۾ پروين رند کي ھڪ پنھنجو پروفيسر ميمبر جو نالو ڏيڻو آھي جنھن تي پروين رند کي اعتماد ھجي پر پروين رند اڄ ڪميٽي ۾ نه آئي

ڪميٽي يونيورسٽي ھراسمنٽ سيل ڪميٽي  پروفيسر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر عامر نصرالله، ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر شازيه شاھاڻي تي ٻڌل آهي

چيف جسٽس سنڌ  ڌرين کي يونيورسٽيءَ جي قائم ٿيل ھراسمينٽ سيل ڪميٽي ۾ پيش ٿي انڪوائري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو

ھي به پڙھندا

جوابدار اڃا گرفتار نه ٿيا، عدالت مان انصاف جي اميد آهي: پروين رند