نوشين ڪاظمي واقعي جي جڊيشل انڪوائري شروع، الماس ۽ پروين رند جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ

0
236
نوشين ڪاظمي واقعي جي

ڪراچي: شاگردياڻِي نوشين ڪاظمي جَي واقعي جِي جڊيشل انڪوائري شروع ٿي وئي آھي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جِي انتظاميا، هاسٽل پرووسٽ، نوشين ڪاظمي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر، جاچ آفيسر، مالهي، خاڪروب ۽ نائب قاصد ايڊيشنل سيشن جج سهيل قريشي آڏو پيش ٿيا

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو 24 نومبر 2021ع تي چانڊڪا هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو ڏنل لاش مليو هو، سنڌ جَي يونيورسٽيز ۾ هراسمينٽ، تشدد ۽ قتل واقعن خلاف ڄامشورو ۾ شاگردياڻي الماس ۽ پروين رند جِي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي جو پيادل مارچ ڪيو ويو آھي

ان موقعي تي مظاهرين چيو آهي ته سنڌ جَي تعليمي ادارن ۾ نياڻين سان ظلم ٿي رهيو آهي، هراسمينٽ ۽ تشدد واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، پروين رند جو چوڻ آھي تھ شاگردياڻين کي قتل ڪري انھن جي واقعن کي خودڪشي قرار ڏنو ويو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جو موت آپگهات سبب ٿيو، والدين جي سخت رويي ۽ ڪلاس فيلو جي بي وفائي سبب نمرتا خود ڪشي ڪئي:عدالتي رپورٽ ۾ انڪشاف