جهڏو (ن پ ا) جهڏو واسي 19 ورهين  جو نوجوان محمد مفيظ ولد شاهد موتي دماغي ڪينسر وگهي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نوجوان کي پنج ڏينهن اڳ مٿي ۾ شديد تڪليف ٿي ۽ اکين جي روشني گهٽجڻ لڳي، جنهن بعد مقامي ڊاڪٽرن نوجوان کي ڪراچي کڻائي وڃڻ جو مشورو ڏنو، نوجوان کي وارثن ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان کي دماغي ڪينسر واري بيماري جي تشخيص ڪئي هئي ڪراچي جي اسپتال ۾ ئي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو.