نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري جلال شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب جي يونيورسٽين ۾ فيسون معاف ٿي رھيون آھن، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت شاگردن جي سھائتا ناهي ڪئي. يونيورسٽيز انتظاميا پڻ فيسن ۾ واڌ ڪري غريب شاگردن جو معاشي قتل ڪري رھيون آھن. شاگردن جي سالياني فيس معاف نه ڪرڻ پيپلز پارٽي حڪومت جي شاگرد ۽ تعليم دشمني پاليسي سمجھون ٿا.