جهڏو شهر ۾ هڪ مهيني کان پيئڻ جو پاڻي بند، ڌرڻو

0
207

جهڏو(ن پ ا) جهڏو شهر ۾ هڪ مهيني کان پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي بند هجڻ ڪري شهري روڊن تي نڪري آيا پيالا هوٽل ويجهو روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويو پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شهرين اياز کوسو، منظور ڪلوئي، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، محب ڀيل، ۽ ٻين چيو ته جهڏو شهر جي وارڊ نمبر 9،10،11 جي مختلف ڪالونين حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، ڪڇي ڪالوني، صغير ڪالوني، اسلم ٽائون سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گذريل هڪ مهيني کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي شديد گرمي ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اسان سخت اذیت ۾ مبتلا آهيون پيئڻ لاءِ پاڻي خريد ڪري واپرائي رهيا آهيون جڏهن ته غريب طبقو پاڻي لاءِ دربدر ٿي رهيو آهي هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ عملدار اسان جي وارڊن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهن عملدار پنهنجي من پسند علائقن ۾ پاڻي سپلائي ڪن ٿا جڏهن ته اسان جي علائقن جو پاڻي بند ڪري اسان سان ظلم ڪري رهيا آهن هنن ڪمشنر ميرپورخاص ڊي سي ميرپورخاص پبلڪ هيلٿ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪري مشڪلاتن کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.