لاڙڪاڻو: جهيڙي جو ڏوهه ثابت، 19 جوابدارن کي ڌار ڌار سزائون

0
267

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻوفرسٽ ايڊيشنل سيشن جج شيام لال جي عدالت ۾ ٻن ڌرين مٿان جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي ڌرين جي 19 ماڻهن کي الڳ الڳ سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته 2016 ۾ نئوديرو ٿاڻي جي ڳوٺ ڀونڀت پور ۾ ٻوهيڙا ۽ ڏيٿا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڊرينيج جي نيڪال واري ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي مٿان ڪيس داخل ڪرايا هئا جنهن جو مامرو لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ هلندڙ هيو اڄ فرسٽ ايڊيشنل ۽ سيشن جج شيام لال جي عدالت ۾ ٻنهي ڌرين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ٻنهي ڌرين ٻوهيڙا برادري جي 9 ڄڻن محمد پنجل وزير علي الاهي بخش ذوالفقار علي محمد پٺاڻ سجاد عرف مور حضور بخش رسول بخش ۽ جانڙ ٻوهيڙو کي مجموعي طور تي گڏيل 29 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي 7 لک ڏنڊ وڌو جڏهن ته ٻئي ڌر ڏيٿا برادري جي 10 ڄڻن تاج محمد انور علي غلام شبير تنوير علي شاهد علي زاهد علي شمشاد بدر عرف بدرالدين محمد اسلم ۽ محمد عجيب ڏيٿو کي مجموعي طور تي گڏيل 44 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي 11 لک ڏنڊ وڌو ويو جنهن کانپوءِ سڀني جوابدارن کي عدالتي احاطي مان پوليس سوگهو ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ياد رهي ته 2016 وا ۾ ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي مٿان ڪائونٽر ايف آء آر داخل ڪرايا هئا جن جو ڪيس هلندڙ هيو ۽ سڀ جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل هئا.