ڪراچي: ڪراچي جي وڏي اسپتال جناح ۾ سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ جا انتظام اين جي اوز حوالي ٿيل آهن، جتي ي ٽي اسڪين پلين جي 1000کان 1500 ۽ سي ٽي اسڪين ڪنٽراسٽ جي 1500 کان 4500 رپين تائين في مقرر ٿيل آهي، اهڙي طرح ايم آر آءِ پلين جي في 1500 کان 2 هزار ۽ ڪنٽراسٽ جي في 4500 کان 5000رپين تائين مقرر ٿيل آهي. جناح ۾ سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ جون روزانو 150 کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن، ذريعن موجب جناح ۾ غريب مريضن کان روزانو 3 کان 4 لک اوڳاڙيا وڃن ٿا.