ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي تي ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت سميت 7 اميدوار پڪڙجي پيا، ڊي ايس پي ايس ايس يو جعلسازي ڪندڙ 7 اميدوارن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ، جنهن ۾ فراڊ جا قلم شامل ڪيا ويا. ايف آءِ آر جي متن موجب 2021ع ۾ ايس ايس يو ۾ ڪانسٽيبلز جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو، ڀرتين لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي لازمي قرار ڏني وئي هئي، ٽيسٽ پاس ڪندڙن جا انٽرويو ڪيا ويا، اميدوارن  پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا، جيڪي تصديق لاءِ اماڻيا ويا، 7 اميدوارن وقاص، اختر علي، اڪبر، نعيم، نبيل، عشرت ۽ شهزاد جا ڊوميسائل لاڳاپيل ڊي سي آفيسن جعلي قرار ڏنا متن موجب وقاص ولد شوڪت علي 28 مارچ 2016 تي اولهه ضلعي مان ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايا، اختر علي زيب ولد شير زيب7 ڊسمبر 2017 تي اولهه ضلعي ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايا، اڪبر علي ولد نثار حسين 2008 ۾ اوڀر ضلعي مان ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايا، نعيم ولد قربان علي 2015 ۾ اوڀر ضلعي جو ڊومسائيل ۽ پي آر سي ٺهرائي، محمد نبيل ولد شيراز 2017 ۾ ڏکڻ ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو، عشرت ڌيءَ محمد اسلم 2016 ۾ ملير ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو ۽ شهزاد ولد رحمت الله پڻ 2015 ۾ ملير ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو.