ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هڪ وڌيڪ رٽائرڊ ڪامورو ميمبر مقرر، پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين سميت رٽائرڊ ڪامورن جو انگ 6 ٿي ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ رٽائرڊ ڪامورن جي واڌ ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت تازو رٽائرڊ ٿيل 20 هين گريڊ جي هوم سيڪريٽري ڊاڪٽرسعيد مڱڻيجو   کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير جي منظوري بعد سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين طور مقرر ٿيل محمد وسيم اڳ ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جو چيئرمين، قاضي شاهد پرويز سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، نصرت مڱڻ آءِ جي جيلز، ڊاڪٽر سيمي جمالي جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ رضوان ميمڻ به سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري واري عهدي تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪميشن ۾ مقرر ٿيا، ڊاڪٽر سعيد مڱڻيجو کي ميمبر مقرر ڪرڻ کان پوءِ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبرن جو انگ 14 مان وڌي 15 ٿي ويو آهي.