ھڱورجا (ن پ ا)چيف سيڪريٽري سنڌ ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري تعليم کاتي جي 44 ميل ۽ 9 فيميل  اسسٽنٽ پروفيسرن کي گريڊ 18 مان 19 گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسيپل جي عھدن تي ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. ترقيون ماڻيندڙن ۾ پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو، محمد لقمان نھڙيو، زاهد حسين ھليو، لياقت ڀٽي، سيد احمد شاھ، فياض حسين، ڪشور ڪمار، گل بھار مگسي، ڪلثوم زھرا، زاهده بيگم، ڪنيز فاطمه ۽ ٻيا شامل آھن. ھن ڏس اڳواڻن پروفيسر  اسرار احمد شاھ، پروفيسر عبدالسميع ڀنڀري، زاھد ھليي ء ٻين چيو ته اسان جي جدوجھد ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ء چيف سيڪريٽري جي ڀرپور ڪوششن سان استادن کي ترقي ملي آھي. رهجي ويلن جا پڻ جلد پروموشن ڪرايا ويندا.