ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف کاتن جي 12  آفيسرن پاران پرڏيهه مان ٽريننگ جي نالي ۾ 44 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم حاصل ڪرڻ باوجود پرڏيهه نه وڃڻ جو انڪشاف، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران ڪامورن کان رقم واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ جي مختلف کاتن جي 12 آفيسرن ناڻي کاتي کان مختلف مُلڪن مان ٽريننگ حاصل ڪرڻ جي مد ۾44 ڪروڙ 30 لک رپيا ورتا پر اهي ٽريننگ تي نه ويا ۽ نه ئي پئسا واپس ڪيا، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽريننگ واري مُدي دوران ڄاڻايل آفيسرن پاران پگھارون ۽ ٻيا الائونسز به ورتا ويا. آڊيٽر جنرل پاڪستان پاران سنڌ سرڪار کي سفارش  ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل 12 آفيسرن کان رقم واپس ورتي وڃي، واضح رهي ته آڊيٽر جنرل جن ڪامورن بابت انڪشاف ڪيو آهي، انهن پاران پرڏيهه مان ٽريننگ ڪرڻ جا ڪي به دستاويزي ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا.