ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني کاتي جي اختيارين اسڪروٽني دوران ڀرتين جو گهربل رڪارڊ جمع نه ڪرائڻ تان گريڊ 2 کان 17 جي 128 ملازمن ۽ آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو. ان ڏس م جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪي ڊي اي ۾ مقرر 17هين گريڊ جي محمد ڪاشف، ڊي ايم سي ويسٽ جي وقتي ڊائريڪٽر 17هين گريڊ جي عمران علي، ڊي ايم سي ڪورنگي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر 17هين گريڊ جي نهال صديقي، ڊي ايم سي ڪورنگي جي شڪيل احمد کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. جڏهن ته نارٿ ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن سيد محمد حارث، ڊي ايم سي ڪورنگي ۾ مقرر ٿيل 17هين گريڊ جي آفيسر محمد اياز، 17هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر (سينيٽيشن) سيد نديم حيدر کي رپورٽ ڪرايو ويو، ٽنڊومحمد خان ضلعي ڪائونسل جي اڪائونٽس آفيسر روشن کوسو، ضلعي ڪائونسل بدين جي اڪائونٽس آفيسر غلام ياسين، ٽائون ڪاميٽي پنگريو جي اڪائونٽس آفيسر اقبال احمد، هوسڙي ٽائون ڪاميٽي جي اڪائونٽنٽ جميل احمد، ڦلجي اسٽيشن جي اڪائونٽس آفيسر عاصم ميمڻ کي به عهدن تان هٽايو ويو. ڪنري جي ٽائون آفيسر غلام حسين ڪپري، ننگر پارڪر جي اڪائونٽنٽ مير مشتاق ملاح، لطف علي، ميرپورخاص ميونسپل ڪاميٽي جي اڪائونٽس آفيسر طارق حسين کي به هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته مڪاني ادارن واري کاتي ۾ جعلي ڀرتين سميت ٻين مختلف معاملن جي هلندڙ جاچ دوران ڄاڻايل ڪامورن ۽ ملازمن پاران سروس رڪارڊ ۽ ڀرتين دوران ٻيو رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو آهي جنهن تي جاچ ڪاميٽي جي سفارش تي کين عهدن تان هٽايو ويو آهي.