مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) پاڪستان ڪسٽم کاتي ۾ وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جنهن 17کان 19 گريڊ جي 94 آفيسرن کي بدلي ڪيو ويو آهي، بدلي ٿيل آفيسرن کي مختلف صوبن ۾ مختلف هنڌن ڏانهن موڪليو ويو آهي، ايف بي آر جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پڻ نون آفيسرن کي مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، بدلين ۽ مقررين ۾ ايڊيشنل ڪليڪٽر، اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر، سيڪنڊ سيڪريٽري ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي لاهور ،ڪراچي، ملتان، سيالڪوٽ، پشاور، ڪوئيٽا، فيصل آباد، حيدرآباد، گوادر، گلگت بلستان، ڊيرا اسماعيل خان سميت ٻين هنڌن تي نيون پوسٽون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته اهڙو نوٽيفڪيشن فيڊرل بورڊ آف روينيو ايڇ آر ايم سي سيڪريٽري 2 پاران جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي مختلف شعبن ۾ اهي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. بدلي ٿيلن ۽ مقرر ٿيلن ۾ سليمان يعقوب خان، سيد عمران سجاد بخاري، عدنان اقبال سواتي، پيرزادا محمد عمر، محمد نعمان، تشفين، نوابزادا ڪامران خان، عبدﷲ، آمنا نعيم، محمود الرحمان خٽڪ، عبدالمعيد، پلويشا سيد، عمر بن ظفر چٺا، سيد ڪريم عادل، سيد شعيب رضا، مس خنسا محمود چوڌري، علي اعجاز، انعام ﷲ، حنا گل، محمد شهزاد خان، مس صوبيا ڪرن، جنيد محمود، نويد الرحمان، لبنا شمشاد، طاهر اقبال خٽڪ، حامد حسين، صنم قريشي، سجاد بلوچ، مس زم زم امان، ڪليم الله، عثمان طارق، محمد اڪبر جان ڳنڍا پور، شهزاد لياقت رانجها، سيد عطرت حسين، مس صائمه زيب بٽ، محمد فيضان بدر، سيد محمد رضا نقوي، مس ارما حسن، مس ساديه عثمان، محمد اڪرام، شاهه فيصل، رفعت حسين، محمد حمزا لڪ، مصطفي ضمير، عبير جاويد، اڪمل شهزاد ۽ ٻيا شامل آهن.