ٽوڪيو (اسپورٽس نيوز)ٽوڪيو اولمپڪس رد ڪرائڻ لاءِ هڪ وڌيڪ پٽيشن ڪرائي وئي آهي، پٽيشن تي 3 لک 50 هزار ماڻهن صحيحون ڪيون آهن. خابرو اداري موجب پٽيشن “اسٽاپ ٽوڪيو اولمپڪس مهم جو حصو آهي، آرگنائزرز کانسواءِ پٽيشن ٽوڪيو جي گورنر کي به ڏني وئي. مهم جي آرگنائزر جو چوڻ آهي ته حالتون اهڙيون ناهن جو اولمپڪس کي ملتوي يا رد ڪري ڇڏجي. جاپان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر سبب اولمپڪس جي مخالفت وڌي وئي آهي. خيال رهي ته ٽوڪيو اولمپڪس گذريل سال ٿيڻو هو پر هاڻ جولاءِ ۾ ٿيڻو آهي پر جاپان ۾ ڪورونا جي ٽين لهر کانپوءِ ايونٽ ملتوي ڪرڻ لاءِ عوامي دٻاءُ وڌي ويو آهي.