ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي رهيل ميچز لاءِ ايندڙ 2 ڏينهن اهم آهن، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) يو اي اي ۾ پي ايس ايل جون رهيل ميچز ڪرائڻ تي پراميد آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي رهيل ميچز لاءِ ابوظهبي امڪاني وينيو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ميچز ري شيڊول ڪرڻ جون به تياريون تيز ٿي ويون آهن. پي سي بي ذريعن موجب 20 جون تائيل ليگ مڪمل ڪرڻ لاءِ 2 کان 3 ڊبل هيڊز ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پي سي بي کي ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ کان عيد الفطر جي موڪلن بعد جواب ملي سگهي ٿو، عيد کانپوءِ يو اي اي ۾ اڄ کان آفيسون کلي وينديون.