ڪينبرا(دلچسپ نيوز) سائنسدانن تيز ترين انٽرنيٽ اسپيڊ جو نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن جي مدد سان هڪ هزار ايڇ ڊي فلمون رڳو هڪ سيڪنڊ ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿيون.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا سان واسطو رکندڙ سائنسدانن 44.2 ٽيرابٽ في سيڪنڊ (ٽي بي پي ايس) تائين انٽرنيٽ اسپيڊ پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي جيڪا مختلف ملڪن ۾ ايوريج براڊ بينڊ اسپيڊ کان لکين ڀيرا وڌيڪ آهي جيئن برطانيا ۾ اها اسپيڊ 64 ميگا بِٽ في سيڪنڊ آهي.ٽي بي پي ايس انٽرنيٽ اسپيڊ کي هن وقت تائين ليبارٽري ۾ حاصل ڪري سگھبو هو پر آسٽريليا جي فائيبر آپٽڪ نيٽ ورڪ ۾ اهو سسٽم ڪم ڪرڻ جوڳو ٿي ويو آهي، جنهن جي ذريعي ڪمپنيون هاءِ اسپيڊ براڊ بينڊ واهپيدارن کي فراهم ڪري سگھنديون.تحقيقي ٽيم موجوده انفراسٽرڪچر استعمال جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو ۽ ان لاءِ هڪ ڊوائيس مائيڪرو ڪومب مدد ڪئي جنهن کي موجوده ٽيلي ڪميونيڪيشنز هارڊويئر ۾ موجود 80 ليزرز جي جاءِ تي استعمال ڪيو ويو.مائڪرو ڪومب به هڪ ليزر سورس آهي ان بابت چيو ويندو آهي ته اها ڪيترن ئي هاءِ ڪوالٽي انفراريڊ ليزرز مان ٺهيل هڪ سنگل چپ آهي.هر ليزر يا مخصوص فريڪوئنسي ڌار ڪميونيڪيشن چينل استعمال ڪرڻ جي اهليت رکندي آهي.جيتوڻيڪ اها آسٽريليا جي فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪري سگھي ٿي پر مختلف ملڪ ۾ ائين نٿو ٿي سگھي جتي ڪاپر جي تارن تي ڀاڙيو ويندو آهي.محقق ۽ موناش يونيورسٽي جي ڊاڪٽر بل ڪورڪورن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي نتيجي ۾ گھرن کان ڪم، سوشل ميڊيا ۽ اسٽريمنگ وڌڻ سان اسان کي خبر پئي ته انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر ڪهڙي طرح 2 کان 3 ورهين ۾ وڌائڻو پوندو.هنن چيو ته موجوده صورتحال مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان کي پنهنجي انٽرنيٽ ڪنيڪشنز جي گنجائش کي ڪيتري حد تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي.سندن چوڻ هو ته اسان جي تحقيق مان فائيبر نيٽ ورڪ جي صلاحيت جو اظهار ٿئي ٿو جيڪو اڃا زمين تي موجود آهي جيڪو هاڻ ۽ مسنتقبل ۾ ڪميونيڪيشنز نيٽ نيٽ ورڪس لاءِ ڪرهنگھي جي هڏي ثابت ٿيندو.ماهرن چيو ته اسان جيڪو تيار ڪري رهيا آهيون اهو مستقبل جي ضرورت کي پورو ڪري سگھندو، اها ڊيٽا آٽوميٽڪ جي ڊرائيونگ جي صلاحيت رکندڙ گاڏين ۽ مستقبل جي ٽرانسپورٽيشن لاءِ ٿي سگھندي، ان سانن دوائون، تعليم، ماليات ۽ اي ڪامرس صنعتن کي مدد ملي سگھندي.ان تحقيق جا نتيجا نيچر ڪميونيڪيشنز رسالي ۾ ڇپيل آهن.