ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) جاپان روڊن تي هلندڙ گاڏين سان گڏوگڏ ننڍي اڏام ڪندڙ ڪار به تيار ڪري ورتي.پرڏيهي ميڊيا موجب جاپاني ڪمپني ”اسڪاءِ ڊرائيو“ دعويٰ ڪئي آهي ته ان ننڍي اڏام لاءِ اڏندڙ ڪار جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.ڪمپني ڪار اڏائڻ جي ويڊيو پڻ وائرل ڪئي، جنهن ۾ هڪ سيٽ واري ڪار کي اڏندي ڏسي سگهجي ٿو.مختصر ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هيلي ڪاپٽر جيان ڪار 5 فوٽن جي اوچائي تي گهٽ رفتار سان هوا ۾ اڏي رهي آهي، جڏهن ته ان ۾ ويهڻ لاءِ رڳو هڪ ماڻهو جي گنجائش آهي، ڪار جي فرنٽ تي ننڍا پَر به لڳل آهن.اها ڪار مشهور ڪمپني ٽويوٽا جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي لاڳيتو 30 منٽن تائين 30 فوٽن جي اوچائي تي اڏام جي صلاحيت رکي ٿي.ڪار جي تياري ۾ گذريل 8 ورهين کان مصروف ڪمپني ڪامياب اڏام جي ان ڪار جي مارڪيٽ ۾ فراهمي لاءِ 2023 جو وقت ڏنو آهي.واضح رهي ته اڏندڙ ڪار جو اهو پهريون ڪامياب تجربو ناهي، رڳو 4 ڏينهن اڳ آمريڪي فضائيا به پنهنجي تيار ڪيل ڪار کي اڏائڻ جو ڪامياب شروعاتي تجربو ڪيو هو.