رائونتي:مختلف ڳوٺن مان مبينا طور پسند پرڻي لاءِ 7 ڇوڪريون گهران نڪري ويون

0
487

رائونتي(ن پ ا) راونتي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان مبينا طور پسند جي پرڻي لاء مختلف پاڙن مان 7 ڇوڪريون گهران نڪري ويون، رائونتي ٿاڻي تي گهران نڪري ويل ڇوڪرين جي والدين شڪايتون درج ڪرائي ڇڏيون، ليلا ڌي قادربخش ميراڻي گهران نڪري اصغر ميراڻي سان شادي ڪري ڇڏيائين، ذريعن جو چوڻ آهي ته شادي ميگهواڙ گهران نڪري وئي سندس ڀيڻوئي جاڳڻ تي ناري کي کڻي وڃڻ جو الزام آهي جنهن بابت برادري جو ڪٺ طلب ڪيو ويو، زرينا ڌوئو به مبينا طور پنهنجي ڀيڻوئي سان گهران نڪري وئي، ناري مسرت ڪوري به گهران نڪري پيرڳوٺ واسي طالب حسين ڪوش سان شادي ڪرڻ جا اطلاع آهن، ذريعن موجب ڳوٺ چڪ مان صائمه ڪوري گهران نڪري پنجاب جي شهر سنجر پور واسي شيرباز سان شادي ڪري ڇڏي، سنيتا اوڏ پهنجي چاهيندڙ پنجاب جي رهواسي سان گھران نڪري مسلمان ٿي شادي ڪري ڇڏي، جيڪا رائونتي جي ڳوٺ چڪ جي رهواسڻ هئي، پوليس موجب 6 ڇوڪريون پسند جي پرڻي لاء گهران نڪرڻ جي اين سي داخل ڪئي آهي، ٻن ڇوڪرين جي شادي جي تصديق ٿي آهي, باقي ڇوڪرين جي ڳولا ڪريون پيا ۽ ڇوڪرين جي والدين جي شڪايت تي الزام هيٺ آيل جوابدارن جي خلاف شڪايت داخل ڪئي آهي.