پنگريو (ن پ  ا) پراڻ ندي کي ايم ايم ڊي 4 آر ڊي وٽان لڳل گھارو  17ڏينھن به ٻڌجي نه سگھيو، ٻي پاسي ايل بي او ڊي کي 211 وٽان  قدرتي وھڪري جي بحالي بدران 110آر ڊي وٽان ڪٽ ڏيڻ جي  فيصلي کي پنگريو واسين رد ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي پنگريو شھر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند ڏيڻ  جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتل صوبائي وزير ۽ رين فوڪل پرسن بدين اسماعيل راھو ۽ ڊي سي شاھنواز کان شھرين سوال ڪندي چيو ته اوهان جي رنگ بند ڏيڻ سان به پنگريو نه بچي سگهندو، پهرين ايم ايم ڊي جو گھارو بند ڪرايو، جتان پاڻي پيو اچي، پوءِ رنگ بند ڏياريو،  اوهان   ايل بي او ڊي کي 211 آر ڊي وٽان قدرتي وھڪرو بحال نه ڪري سگھيا آھيو، اوھان کان ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي،  جيڪڏھن سنڌ حڪومت بي وس آهي ته پوءِ ڪنهن جو وس هلندو، جنھن تي صوبائي وزير ۽ ڊي سي   شھرين کي رڳو تسلي ڏيندا رھيا ۽  چوندا رھيا ته ھر ممڪن مدد ڪنداسين.