گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ شهر ۾ سم نالي، ڍنڍ ۽ مختلف شاخن جي پاڻيءَ جو ڇوڙ جاري، شهرين پاران روهڙي ڪئنال پپري پمپنگ اسٽيشن تي ٽئين ڏينهن به ڪئمپ قائم، احتجاج جاري. سم نالي جو پاڻي ڪسان ڪالوني ڪراس ڪري اسٽيشن روڊ تي تلائن جي شڪل وٺي ويو. ماڻهو گهر خالي ڪري ويا. انتظاميا پاڻي نيڪاليءَ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. شهرين محمد ادريس سومرو، صفدر علي سهتو ۽ ٻين جو ان سلسلي ۾ چوڻ هو ته شهر ۾ سم نالي جو پاڻي تيزيءَ سان داخل ٿي رهيو آهي. سم نالي جو پاڻي کهڙا شهر کي ٻوڙي گمبٽ جي رضا ڪالوني، لڙهي ڳوٺ، ڪسان ڪالوني، وانڍ مهر، انڊسٽريل ايريا سميت ٻين هنڌن تي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي. سم نالي جو پاڻي اسٽيشن روڊ تائين پهچڻ کان پوءِ شهرين ۾ خوف وڌي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ لڏپلاڻ جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي پر انتظاميا ڪٿي به نظر نٿي اچي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڪليري ڍنڍ، سم نالي ۽ شاخن کي لڳايل ڪٽ بند ڪرائي گمبٽ ۽ کهڙا کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن پپري پمپنگ اسٽيشن وٽ روهڙي ڪئنال کي ڏنل ڪٽ واري هنڌ شهرين جي احتجاجي ڪئمپ ٽئين ڏينهن پڻ قائم رهي. واضح رهي ته انتظاميا ڄاڻايل ڪٽ بند ڪرائڻ چاهي ٿي. شهرين ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پهريان سم نالي، ڪليري ڍنڍ ۽ شاخن کي لڳايل ڪٽ بند ڪرائي وڃن. ان کان اڳ روهڙي ڪئنال وارو ڪٽ زبردستي بند ڪيو ويو ته شهري ٻڏي ويندو.