تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ احمّد علي بهلڪاڻي جو رهواسي مقتول حافظ عبدالرحمان بهلڪاڻي جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو راڄوڻي لاء پهچي ويو، چيف مقدم علي شير ڏاهاڻي، نظير احمّد کوسو، عبدالحميد بهلڪاڻي، نادر خان بهلڪاڻي جي اڳواڻي ۾ پهتل ميڙ منٿ قافلي کي وارثن اسماعيل بهلڪاڻي، ڪجلو بهلڪاڻي، پيارو بهلڪاڻي ٺاهه کان انڪار ڪندي جواب ڏنو ته هو شهيد حافظ عبدالرحمان بهلڪاڻي جي خون جو سودو نه ڪندا ٺاهه بجاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ بهتر آهي، وارثن پاران صحافين سان رابطو ڪندي موقف ڏنو ته قاتل ڌر مسعود کوسو بااثر آهن، راڄوڻي لاءِ دٻاءُ رکن ٿا، هنن گهر ڪئي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان ته تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.