سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بلدياتي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتاء لاءِ مظاھرا

0
238
سنڌ جي مختلف شهرن ۾

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بلدياتي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتاء لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ۽ آفيسز جي تالابندي، سکر، ڪنڌڪوٽ، نئون ديرو، ٺل ۽ مٺياڻي ۾ مڪاني کاتي جي ملازمن جا مظاهرا جاري آھن

 پنو عاقل، وارهه، نصير آباد، مانجهند ۽ پنگريو ۾ آفيسز جي تالابندي بعد احتجاج، ملازمن طرفان پگهار آن لائين سسٽم ذريعي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 ملازمن جو چوڻ آهي ته آن لائين نظام نه هجڻ ڪري ملازمن جي پگهارن ۾ بنا جواز ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، مسئلا حل نه ٿيڻ سبب آفيسز جي تالابندي تي مجبور ٿيا آهيون، ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتاء تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان  ڪيو ويو آھي