سجاول جوڻيجو (ن پ ا) ڳوٺ ٻٻر ڀٽي ۾ 13 ڏينهن اڳ نصير ڀٽي ۽ وڪيل عبدالوحيد ڀٽي جي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نبيرو جي يو آءِ اڳواڻ حاجي غلام ياسين مھيسر جي سرپئنچي ۾ٿيو،ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڪندڙ امين وڪيل عبدالوحيد ڀٽي مٿان نصير ڀٽي جي 6 مرد ۽ ٻن عورتن کي زخمي ڪرڻ جا 320000 ڏنڊ ۽ نصير ڀٽي جي ماڻهن وڪيل عبدالوحيد ڀٽي ۽ سندس هارين رضا محمد بروھي، عبدالرزاق بروھي ۽ ٻن عورتن کي زخمين جا نصير ڀٽي مٿان 290000 ڏنڊ ۽ تڏو ڏيڻ جي فتوا ٻڌائي ڇڏي. ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 610000 ڏنڊ وڌو ويو، ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪري قرآن پاڪ تي ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويا.  هوڏانهن فيصلو ڪندڙ امين في عورت جي زخمي ٿيڻ جا 40000 هزار ڏنڊ ۽ في مرد جي زخمي ٿيڻ جا 20000 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو سندس وڪيل جي ڪار کي ڌڪ هڻي شيشا ٽوڙڻ جا 150000 ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي وئي ڌريون ڪيس لکي ڏئي پنهنجو پاڻ ختم ڪرائيندا.