تعليمي ادارن مان نياڻين جا ملندڙ لاش ۽ سازشون.

0
224
ڪارونجھر اسان جو قومي ورثو

 سنڌ تي قابض واڳ ڌڻين پاران ڪيون ويندڙ زيادتيون ڪڏھن معدنيات تي قبضي جي صورت ۾، ڪڏھن پاڻي تي ڌاڙي جي صورت ۾، ڪڏھن بجيٽ، ڪڏھن نوڪرين، ته ڪڏھن سنڌ جي زمينن تي والار جي صورت ۾ جاري آھن ۽ ھاڻي ته اھو سڀ ڪجھه معمول  بڻجي چڪو آھي. ايتري قدر جو سنڌ جي گادي جي ھنڌ ڪراچي ۾ انڊسٽريز ايريا ۾ ڪمپنين جي اندر به سنڌي ماڻھن کي روزگار ڪرڻ لاءِ مزدوري نٿي ڏني وڃي. سنڌي ماڻھن کي روزگار کان محروم رکڻ به ھڪ ھٿرادو سازش آھي ته جيئن بي روزگار نوجوان بي روزگاري کان تنگ پيٽ پالڻ لاءِ سماجي ڏوھن جھڙوڪ اغوا،ڦر،چوري  ۾ ملوث ٿئي ته جيئن ڏوھاري قرار ڏئي   آساني سان کين قتل، ختم ڪري سگھجي  ۽ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪمپنين ۾ ڌارين کي وڏي تعداد ۾ ڀرتي ڪري.

حڪمران ۽ سرمائيدار طبقو جيڪو اصل ۾ ھڪ ئي آھي ڌرتي ڌڻين خلاف ھڪ منظم سازش ڪري رھيو آھي نه صرف ايترو پر سنڌ جي ڳوٺن جي اندر گڏ ٿي ھڪ مٺ ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ قبائليت ۾ ڦاسائي ۽ خوني تڪرار ڪرائي سنڌ جا ڪيئي ڳڀرو قتل ڪرائي سنڌ کي ميدان جنگ بڻايو ويو آھي. نه صرف ايترو  پر جتي عام ماڻھو کي آئيني طور تي مليل سھولتون تعليم صحت ۽ صاف پاڻي نٿو ملي ته اتي منع ٿيل ۽ سماجي ڏوھه تصور ڪئي ويندڙ منشيات شراب آفيم ھيروئين چرس آخر ڪيئن ڪٿان ۽ ڪير ٿو پڄائي ؟ اھڙي قسم جا ڪيئي حربا ھلايا ٿا وڃن ته جيئن سنڌ جو ماڻھو نوجوان توڙي وڏو نشي ۾ پناھه وٺي آخر فنا جي کوھه ۾ غرق ٿي وڃي.

سنڌ جي نوجوانن لاءِ تعليم ته شجر ممنوع آھي ئي آھي ۽ سنڌ جي گادي واري ھنڌ ڪراچي ۾ ته سنڌي شاگردن جي  داخلا تي پابندي ۽ نه ڄاڻ ڪيترين ئي سازشن جو ڄار وڇايو ويو آھي.

پندرھين صدي کان ويھين صدي تائين سڄي دنيا تي انگريز سامراج جي سامراجي تسلط جي شھنشاھيت قائم ھئي جنھن جو سج لھندو ئي نه ھو آمريڪا روس فرانس جرمني ۽ ھندستان جيڪي مغرب سامراج جي غلامي ھيٺ گھاري رھيا ھئا پر اڄ جديد دور ۾ جتي سموري دنيا جي غلامن انگريز سامراج کان جند آجي ڪرائي ورتي اتي سنڌ سان اھوئي  غلامي وارو ورتاءَ روا  رکيو پيو وڃي، جتان اڃان بدحالي بي روزگاري قتل  غارت جاگيرداري سرمائيداري  پنھنجا خوني چنبا کوڙيو ويٺي آھي۽ صحت توڙي تعليم ۽ سنڌ جي اونداھي مستقبل جو سج پڻ اڃان لھي ئي نٿو .

ڪافي عرصي کان سنڌ جي تعليم خاص طور تي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ھڪ ڏکوئيندڙ صورتحال نظر اچي ٿي. سنڌي ۾ چوڻي آھي ته“ ھڪ مرد پڙھيو ھڪ فرد پڙھيو ۽ ھڪ عورت پڙھي سمورو خاندان پڙھيو،” ان جو مطلب ته خاندان پڙھيو ته مجموعي طور تي سڄي قوم پڙھي پئي. ان سڄي عمل کي روڪڻ جي لاءِ سڄي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ نياڻين جي قتل جون وارداتون نائلا رند، نمرتا ڪماري ۽ نوشين  ڪاظمي جي ٿيل پراسرار قتل جھڙيون وارداتون وقت به وقت ڪرائي قوم جي اندر خوف پيدا ڪري اھو تاثر ڏنو پيو وڃي ته نياڻين کي تعليم نه ڏياريو ته جيئن ڪا ڄيٺي سپاھيملاڻي،ڊاڪٽر درشھوار سيده،جيجي زرينه بلوچ، نورالھدي شاھ، ماھتاب محبوب،ڊاڪٽر فھميده حسين،مھتاب اڪبر راشدي پيدا نه ٿي سگھي ۽ سنڌي سماج جھالت جي انڌيرن ۾ گم پنھنجي مستقبل کان بي خبر مفلوج زندگي گھاريندو رھي.