سنڌ ڪابينا:ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ پاسنگ مارڪس 65 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري

0
220
عذرا پيچوهو پاران رورل

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ پاسنگ مارڪس 65 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، اجلاس بعد صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته پي ايم سي طرفان مقرر ٿيل 65 سيڪڙو پاسنگ مارڪس کي رد ڪري ڇڏيو اٿئون

 عذرا فضل پيچوھو جو چوڻ ھو تھ وفاقي نصاب جي بنياد تي ٽيسٽ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي شاگرد متاثر ٿيا، اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ پنج سالن ۾ 10 هزار ڊاڪٽرز جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، 18هين ترميم کانپوءِ داخلا پاليسي صوبن وٽ هجڻ باوجود وفاق مداخلت ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ شاگردن کي 50 سيڪڙو پاسنگ مارڪس جي بنياد تي ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا ڏني ويندي