ڪاڪ محل ڪنواريون ۽ ڪئنواس

0
224
اڃان ته  آ ساڳي بارش 

  ماڻھن جو هڪ  وڏو انبوهه ڪاري سڙڪ تي طاقتور قاتل جي گرفتاري لاءِ ڏک ۾ بيٺل آھي،  ماڻھن جي ان  انبوهه ۾ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا به نظر اچن ٿا، هڪ عورت جنهن جو مٿو اگهاڙو آھي اڀ ڦاڙ رڙيون ڪري رهي آھي،سندس پٽ جي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيئي رهي آھي، شھر جي جام ٿيندڙ ٽريفڪ واري سڙڪ تي هزارين گاڏيون اڳيان ۽ پويان بيٺل نظر اچن ٿيون، سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان موجود گهرن جي ڇتين تان ماڻھو بھ دکدائڪ ان  منظر کي ڏسڻ لڳن ٿا.

 ايتري ۾ سائرن وڄڻ جا آواز تيز ٿيندا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ پل ۾ پوليس جون گاڏيون پهچي ٿيون وڃن، آفيسر  گاڏين مان ائڪشن سان لهي انبوهه ۾ وڃن ٿا، انبوهه۾موجودماڻھن جي دلين ۾  قتل جي دک جي تپش وڌيڪ گرم ٿئي ٿي.

  اوهان سان انصاف ضرور ٿيندو، مظاهرين تتل ڪاري سڙڪ تان اٿڻ کان انڪار ڪن ٿا، اتي موجود هر هڪ ماڻھو جي من ۾  ماضي جي ڪئنواس جا سمورا ڀيانڪ واقعااڀري اچن ٿا ۽ هو اهو سوچين ٿا ته محلاتن ۾ رهندڙ راجائن، نوابن، سردارن سان اڄوڪو قانون  ڪيئن پورو پوندو ۽ سندن بي گناهه قتل ٿيل ناظم  نالي جوان جي گهر ڀاتين ۽ ڏکاري سماج سان  وهنوار ڪيئن ٿيندو ؟اهو سوچي سڀ  سماجي نا انصافي جي ڏاوڻن ۾ پاڻ کي جڪڙيل محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ۽ اندر ۾ ايئن ڀرڻ لڳن ٿا جيئن آبڪلياڻي جي موسم دوران موج درياءَ ڪنارن جون ڀڪون ڳاريندي آھي.

 انصاف عدل جو حڪم قران شريف ۾ موجود آھي، اسلام جي اچڻ سان عدل انصاف تي نه رڳو عمل ڪيو ويو پر سزا ۽ جزا جو عمل پڻ شروع ٿيو، برصغير پاڪ  هند ۾ انگريزن جي دور کان اڳين دورن ۾ اهو سارو نظام قاضين جي حوالي هو، انگريزن جي اچڻ سان عدالتون قائم ڪيون ويون ۽ جج مقرر ڪيا ويا،  ليڪن ان دور ۾ به عدالتي نظام حڪومت جي طاقت  هيٺ اڻ سڌي طرح دٻيل رهيو،انگريز سرڪار سندن مخالفن کي عدالتي نظام جون گهرجون پوريون ڪرڻ  کان سواءِ ئي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائي ڇڏيندي هئي.

جيتوڻيڪ ان دور کان اڄ ڏينهن تائين  تاريخ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آھي، ليڪن مختلف ملڪن سميت اسان وٽ به عدالتي نظام اڻ سڌي طرح  حڪومتي طاقت جي ڀنور ۾ ڦاٿل نظر ٿو اچي، ماڻھن جي مجموعي ۾ڪيترن ئي ماڻھن جي ذھنن ۾ تاريخ جا ڪجهھ اهم واقعا گهڙيال جي وڄندڙ ڪانٽن جيان ٽڪ ٽڪ ڪرڻ ٿا لڳن،گهڻي احتجاج کان پوءِ ماڻھن جو مجموعو نيٺ پٺتي موٽي ٿو ۽ ڪاڪ محل جي راجائن کي رڦڻي وٺي ٿي وڃي، اهي محلاتون جتي عيش عشرت جون سڀ شيون موجود هجن ٿيون ،جتي رنگين بلبن جون روشنيون سياري رت جي قطبن جيان روز شب روشن رهن ٿيون ،جتي رقص جو سرور راتين جي اوجاڳن کي مات ڏي ٿو، جتي ڪيئي ڪنواريون هر شب نئين جلوي سان افروز ٿين ٿيون ،جتي زندگي هر پل ،موت جي انڪاري هجي ٿي، جتي راڳ جون محفلون رنگين ٿي وڃن ٿيون ۽جتي ڇيرين جي ڇم ڇم جا آواز دل ۾ ڪنهن تير جيان کپي ٿا وڃن.

 ان رات  ڪاڪ محل ۾ ڪهڙي ڏيساور جون ڪماريون هيون ۽ راجا وٽ محفل ۾ ڪٿان ڪٿان جا نوان راجا مهمان هئا، اها ته ڪائي خبر نه آھي  پر اها خبر ٻي ڏينهن جهنگ ۾ لڳل باهه جيان ڀڙڪي پوي ٿي ته ان ڪاري سڙڪ تي مظاهري ۾  موجود ويٺل عورتن مان مارجي ويل جوان جي هڪ زال ۽ هڪ پوڙھي ماءُ آھي ،جيڪي ڏامر جهڙي ڪاري سڙڪ کي چڪ پائي رهيون هيون ۽ انصاف انصاف پڪاري رهيون هيون. مارجي ويل نوجوان هڪ پورهيت ماڻھو هو، هونئن ته تاريخ جا ورق اهڙن واقعن سان ڀريا پيا آھن، جن واقعن جو آواز هميشھ طاقت جي زور سان دٻايو ويندو آھي ۽ مظلومن جا چپ ڄڻ سبيا  ويندا آھن  ۽ مظلومن جي گلن کي ايئن نپوڙيو ويندو آھي، جيئن گهوٽيل ڀنگ ڪپڙي مان نپوڙي ويندي آھي پر هن پورهيت جي قتل واري واقعي هن دفعي  زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو ،جنهن ڪري ڪاڪ ڪڪورجي ويئي ۽ ڪاڪ  جون ساريون موجون ڀسم ٿي ويون.

تاريخ ڪڏھن ڪڏھن  ڪيڏي نه بي رحم ٿي پوندي آھي، ڪڏھن مومل ڪاڪ ڪنڌين تي ڪونڌر ٿي ڪهائي ته ڪڏھن خود پاڻ  ڪونڌر جي ڪڍ   ويندي ويندي ڪسجي ٿي وڃي.

سڃ ته مان سور لهي، اکيون ڀري ٻاجه

راڻي جي رهاڻ کي ويٺي وجهان واجھ

سوڍا لهي ساجه، پس توشڪون تڪيا

اها پهرين رات هجي ٿي جنهن رات ڪکائين گهر ۾ وڇوڙي جي اداسي ڪنهن بدنما راڪاس جيان  ڄڻ ساري گهر کي ڳڙڪائي وڃي ٿي، مقتول جي وني سندس معصوم ٻارڙن جي روئڻ تي اوڇنگارون ڏيندي ڏيندي زمين تي ڪري ٿي پوي، سرد رت جا پل ريڙھيون پائيندڙ ٻار جيان رڙھڻ لڳن ٿا، رات ڊگهي ٿيڻ لڳي ٿي ۽ اوجاڳا لمبا ٿين  ٿا،نيڻن جي ننڊ وهه ٿي وڃي ٿي.

آئون جڏھن هن واقعي تي گهرائي سان سوچيان ٿو  ته منهنجي ذھن ۾ ڪيئي سال اڳ جو هڪ ٻيو واقعوياد ٿو اچي، لاڙ جو هڪ علائقو جتان پهرين پٽيهل وهندو هو ۽ پوءِ جڏھن پٽيهل پنهنجا پور ڇڏي سڪي ويو  ته صدر ايوب خان  جي دور ۾ ان علائقي مان  کاري جي هڪ سم نالي ڪڍي ويئي، جيڪا پاڻي جون گاجون ڪندي وڃي سمنڊ ۾  ڇوڙ ڪندي هئي.   ان سم نالي جي پرئين ڪنڌي ۾ واقع هڪ ڪکائين گهر جي رهاڪو پورهيت جوان جو لاش هڪ ڏينهن چند ماڻھن پراڻي گاڏي مان اچي لاٿو هو، هو اهي ئي ماڻھو هئا جن وٽ اهو پورهيت مزدوري سانگي رهيل هو،اهي ماڻھو سندن علائقي جا رهزن هئا،

لاش جي کڄڻ وقت نه رڳو مقتول جي وارثن ليڪن ڪانڌين ۾ به اهي چئوٻول هئا ته رهزنن رات هن پورهيت کي بيگناهه قتل ڪري پوءِ وري لاش پاڻ کڻائي وارثن سان همدري  جتائي آھي. ان پورهيت جو لاش ھڪ قديم قبرستان ۾ دفنايو ويو ۽ اها قبر قديم قبرن جيان هاڻي نه فقط گمنام رهجي ويئي آھي، ليڪن ميسارجي به چڪي هوندي. هاڻي ته ان جا ٻار جوان ۽ ان جي بيوهه ب پوڙھي ٿي چڪي آھي پر انهن کي اڃان تائين  انصاف پلئه نه پيو. جڏھن ڪو ان قسم جو واقعو ٿيندو آھي ته هو ساڻن ٿيل قهر کي ياد ڪري جهري پوندا آھن.

سار جا سپ  سدائين ڏنگيندا رهيا

ظلم   جا ونگ اوس ونگيندا رهيا

جيئاسين ت جهوري ۽ جهڄڻ ۾

مئاسين ته لقبن سان رڱيندا رهيا

چانڊوڪي رات آھي اتر واءُ ڪکاين ڀتين جي وٿين مان  آواز ڪندو ٿو رهي، رات جي سناٽي ۾ چٻري جون دانهون ڏانئڻين جي خوف جيان محسوس ٿين ٿيون، معصوم ٻارڙا فرش تي ستل نظر اچن ٿا،  عورت مٿي اگهاڙي انهن جي مٿان اداس ويٺل آھي، لالٽين جي مڌم روشني ۾ ان عورت جا لڙڪ  ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندا نظر ٿا اچن، رکي رکي بيوهه عورت چنڊ ڏانهن ڏسي ٿي ۽ پوءِ ڪنڌ سارين جي سنگ جيان لاڙي ڇڏي ٿي۽ سوچي ٿي ته ساڻس انصاف ڪڏھن ٿيندو ؟ هوءَ  ھڪ دفعو  خالي گهر ڏانهن نظرون ڊوڙائي ٻيهر  ان ڏينهن جي هانءَ ڏاريندڙ منظر ۾ گم ٿي وڃي، جنهن ڏينهن هن جي ور جو چٿيل لاش سندس گهر جي اڱڻ ۾ پيل هو ۽ سندس ٻارڙا ان کي چنبڙي دانهون ڪري رهيا هئا.