بي اعتمادي رٿ جي سياسي، جمهوري ۽ آئين موجب مقابلو ڪنداسين: شاهه محمود قريشي

0
543
قومي سلامتي ڪميٽي جي

ڪراچي (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بلاول ۽ آصف زرداري تي ماڻهن کي خريد ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته ميمبرن جي جيڪا قيمت لڳائي پئي وڃي ان کان باخبر آهيون

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن آئيني ادارار آهن، ٻئي ادارا آئيني ذميواريون سمجهن ٿا، بلاول کي تجويز آهي ته قومي ادارن کي سياست ۾ نه گهليو وڃي

هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي سياسي، جمهوري ۽ آئين جي روح جي موجب مقابلو ڪنداسين، بي اعتمادي رٿ کي شڪست ڏينداسين، آئين سڀني جي لاءِ مقدس ۽ اسان سڀ آئين جا پابند آهيون

شاهه محمود قريشي چيو بلاول کان سوال آهي ته ڇا توهان آئين جو احترام ڪري رهيا آهيو، بلاول توهان ۽ توهان جو پيءُ نوٽن جا ٿيلها کڻي در در تي وڃي رهيا آهيو هي آئين جي پاسداري آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته ڄاڻون ٿا ته ڪير ڪنهن سان رابطو ڪيو، پوري طرح با خبر آهيون، جن سان رابطو ڪيوويو انهن اچي اسان کي ٻڌايو آهي، منهنجي جماعت کي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، هنن هر موڙ تي ساٿ ڏنو، سياسي مخالف کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو