نواب شاهه ۽ ٽنڊو آدم ڀرسان باهه جا واقعا،  19 گهر سڙي رک

0
208
نواب شاهه ۽ ٽنڊو آدم

نواب شاهه/ ٽنڊو آدم (نمائيندا) نواب شاهه ڀرسان 60 ميل روڊ ڳوٺ سڀاڳو خاصخيلي ۾ اچانڪ لوڙھي کي باھ لڳڻ کان پوءِ سڄي ڳوٺ کي باهه وڪوڙي وئي

باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 15 گھر سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ لڳا، ڪافي دير کان پوءِ فائربرگيڊ جي گاڏي پھچي باهه تي ضابطو آندو

ٻئي پاسي ٽنڊو آدم ڀرسان ٻن ڳوٺن کي باھ لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، ڳوٺ حسن جميل ۾ باھ لڳڻ سبب فقيرو ٻرڙو جي گهر کي باھ لڳي وئي جنهن سبب گهر ۾ پيل اناج ، هنڌ بسترا ۽ گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو

جڏهن ته ڳوٺ ميرحسن مري ۾ باھ لڳڻ سبب ليمو خاصخيلي، حنيف ۽ دين محمد جي گهرن جي لوڙهي کي باھ لڳي وئي جنهن سبب گهرن کي به نقصان پهتو، فائربرگيڊ پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو