عليم خان کي پرچائڻ لاءِ وفاقي وزير ۽ ويجها دوست سرگرم

0
494
عليم خان کي پرچائڻ لاءِ

ڪراچي (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي سينيئر وزير ۽ وزيراعظم عمران خان جي پراڻي ساٿي عليم خان کي پرچائڻ لاءِ وفاقي وزير ۽ ٻيا ويجها دوست سرگرم ٿي ويا آهن

ذريعن موجب وفاقي وزيرن عليم خان سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندس خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري، پرويز خٽڪ ۽ عامر ڪياني ترين گروپ جي عليم خان سان بيڪ ڊور رابطا ڪري رهيا آهن جڏهن ته عليم خان اهم سياسي فيصلي لاءِ ترين گروپ جي حتمي حڪمت عملي جو انتظار ڪري رهيو آهي

ذريعن موجب پرويز الاهي ۽ ترين گروپ جي مخالف ڪيمپ ۾ وڃڻ تي عليم خان پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪندو، جيڪڏهن ترين گروپ چوڌري پرويز الاهي سان اتحاد ڪيو ته عليم خان حڪومت سان مفاهمت ڪري سگهي ٿو

ذريعن جو چوڻ آهي ته عليم خان ترين گروپ جي صرف هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عليم خان به اڄ ترين گروپ جي اجلاس ۾ شريڪ نه هوندو، ترين گروپ پنهنجي ڪنهن به اجلاس ۾ عليم خان کي دعوت ناهي ڏني

ذريعن موجب عليم خان جي لنڊن ۾ جهانگير ترين سان ملاقات نه ٿي سگهي، ان ڪري عليم خان خاموشي سان پنهنجي مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪرڻ ۾ مصروف آهي

ھي به پڙھندا

قومي اسيمبلي جو اجلاس 21 ۽ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 29 مارچ تي ڪرائڻ جو امڪان