تنقيد دليلن سان ٿيندي آهي، گندي زبان سان نه: مفتي تقي عثماني

0
171
تنقيد دليلن سان ٿيندي آهي

ڪراچي: معروف مذهبي اسڪالر مفتي تقي عثماني چيو آهي ته سياسي اختلافن ۾ جهڙي ريت اسلامي اصولن ۽ قدرن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اهو تصور به خوفناڪ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتي تقي عثماني چيو ته اختلاف چاهي سياسي هجي يا نظرياتي، ان کي دشمني بڻائي مرڻ مارائڻ تي اچڻ ۽ گاريون ڏيڻ جو طريقو سماج لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته تنقيد دليلن سان ٿيندي آهي نازيبا زبان سان نه، قرآن ۾ حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون (ع) کي فرعون جي مقابلي ۾ به وڌيڪ نرم ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، سوچيو ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. مفتي تقي عثماني چيو ته سياسي اختلافن ۾ جهڙي ريت اسلامي اصولن ۽ قدرن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اهو تصور به خوفناڪ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ هن جي عذاب کان محفوظ رکي، قرآن پاڪ جي سوره حجرات ۾ ارشاد آهي: ”هڪ ٻئي سان مذاق نه ڪريو، غيبت نه ڪريو، بدگماني نه ڪريو، ڪنهن جا نالا بگاڙي نه پڪاريو.