ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ ڪامياب نوجوان پروگرام تحت بيروزگار نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب نوجوان پروگرام تحت اسڪلڊ پاڪستان بئنچ 3 جي ڪورسز جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بيروزگار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪمپيوٽر، سلائي  مشين ۽ بيوٽيشن جي مفت ٽريننگ ڪرائي پئي وڃي. ڀٽ شاهه جي دانش ڪميونٽي ڪاليج ۾ جاري مفت سکيا سينٽر ۾  مٽياري ضلعي جي مختلف علائقن مان 40 ڇوڪريون ۽ 20 ڇوڪرا حصو وٺي رهيا آهن.