اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هڪ لک 43 هزار سرڪاري ملازمن ۽ 2500 گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن امدادي رقم گهروارين جي ذريعي وصول ڪئي، پي اي سي آفيسرن ۽ ملازمن جي لسٽ طلب ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آفيسرن ۽ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن مان رڪوري جي هدايت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، بي آءِ ايس پي جا اربين رپيا هڪ لک 43 هزار سرڪاري ملازمن ۽ 2500 آفيسرن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف ٿيو، مشاهد حسين سيد پڇيو ته ان اسڪينڊل جو ڇا ٿيو جنهن ۾ بي آءِ ايس پي جا فنڊ سرڪاري ملازمن کي ڏنا ويا هئا، جنهن تي سيڪريٽري بي آءِ ايس پي جواب ڏنو ته اسڪينڊل ۾ ملوث 43 بي آءِ ايس پي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، بي آءِ ايس پي اختيارين ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي مان فائدو وٺندڙن ۾ هڪ لک 43 هزار سرڪاري ملازم، گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جا 2500 آفيسر به شامل هئا، جيڪي پنهنجي گهروارين جي نالن تي امدادي رقم وصول ڪندا رهيا، اختيارين ٻڌايو ته سرڪاري آفيسرن جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪليو ويو آهي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ملوث آفيسرن کان اوڳاڙي جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي، صوبائي حڪومتون ملوث آفيسرن جي پگهارن ۽ پينشن مان رڪوري ڪئي وڃي، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري اجلاس ۾ ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن جي لاءِ وزيراعظم جي اعلان ڪيل 25 هزار رپيا في خاندان امداد اين ڊي ايم اي جي نشاندهي تي فراهم ڪئي پئي وڃي، 98 سيڪڙو ماڻهن ۾ 69 ارب رپين کان وڌيڪ امداد تقسيم ڪئي وئي آهي، نقصانن جو ڪاٿو ۽ متاثرن جي نشاندهي اين ڊي ايم اي ڪئي آهي، سموري امداد بائيوميٽرڪ سسٽم جي ذريعي عورتن ۾ ورهائي وئي.