اسلام آباد/لنڊن(م ڊ) برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان مان يورينيم مسقط رستي برطانيا پهچايو ويو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اميد آهي ته انهن رپورٽن ۾ صداقت نه هوندي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسقط مان ايٽمي مواد يورينيم جهاز ۾ آندو ويو آهي، اهو مواد پاڪستان مان پهرين مسقط پهچايو ويو آهي ۽ هاڻ ان کي برطانيا نيو ويو جتي پڪڙيو ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اميد آهي ته اهي خبرون درست نه هونديون. انهن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.