راڻيپور (ن پ ا)  درگاھ بودله حاجنا شاھ بخاري جو عرس شروع ٿي ويو آهي، درگاھ بودله سڪندر سيوهڻ جي گادي نشين ميان اختر حسين پيرزاده، درگاھ بودله حاجنا شاھ راڻيپور جي گادي نشين ميان فدا حسين پيرزداه، ميان بخش علي پيرزاده، ميان ڪاظم پيرزاده مريدن عقيدتنمدن سان گڏجي ميهندي جي رسم ادا ڪئي درگاھ بودله حاجنا شاھ تي چادر چاڙھي جنهن ۾ سوين عقيدتمدن مريدن ۽ شھرين  شرڪت ڪئي، مريدن ڳاڙھا قلندري جبا پهري  قلندري ڌمال هنئي ۽  ڀيٽا پيش ڪئي،   ان موقعي تي درگاھ بودله سڪندر سيوهڻ جي گادي نشين ميان اختر حسين نقوي درگاھ بودله حاجنا شاھ راڻيپور جي گادي نشين ميان فدا حسين پيرزاده  ميان بخش علي پيرزاده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اسان مريدن سان گڏجي ميهندي جي رسم ادا ڪندا آھيون جيڪا سالن کان جاري آھي، خاص ڪري هي تل بهار جي موسم ۾ جڏھن پيلا گل رسي تيار ٿيندا آھن ته عرس مبارڪ جنهن کي تل پڻ سڏيو ويندو آھي، بودله حاجنا شاھ ست سو سال اڳ راڻيپور جي نگري ۾ آيو، پنهنجي بزرگي الله جي عبادت ۾ گذارڻ سبب علائقي جي ماڻھن جي دلين مٿان راج ڪيو ۽ اﷲ جي واٽ تي هليو.