ميروخان (ن پ ا ) ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي مان ميروخان جي ڳوٺ ڳوٺ ميداڻي چانڊيو جو رهواسي نوجوان صدام چانڊيو 25 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم آهي. علي رضا چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مامو صدام چانڊيو 5 سال کان ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾  رانديڪا وڪرو ڪري ڪندو هو، 25 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو آهي.قائد آباد ٿاڻي تي گمشدگيءَ جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مامي صدام چانڊيو جي 11 فيبروري تي پنهنجي ماروٽ سان شادي به رٿيل هئي، نوجوان گم ٿيڻ سبب شادي جون خوشيون ڏک ۾ تبديل ٿي ويون آهن،صدام چانڊيو جي امڙ سميت ڀينرون ۽ ٻيا گهرڀاتي به سخت پريشان ۽ صدمي ۾ ورتل آهن، ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.