رپڙي (نمائندن وٽان) عيد واري رات دير سان بھارو واسڻ عورت 46 سالا حاجاڻي ملاح مارجي وئي ھئي، جنھن جي لاءِ وارثن پاران ڄاڻايو ويو هو ته عورت خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي پر کھڙا ٿاڻي تي سندس ڀاءُ لعل بخش ملاح ايف آئي آر داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته منهنجي پٽ دلشاد ملاح منهنجي ڀيڻ يعني پنهنجي پڦي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي گمبٽ مسعود احمد آگاڻي کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو، جنهن ۾ پڻ انڪشاف ٿيو ته ناري کي پنهنجي ڀائٽي قتل ڪيو آهي ۽ پڻ ايس ايس پي خيرپور ان معاملي ۾ لاپرواهي تي ايس ايچ او بھارو ممتاز خاصخيلي کي سسپنڊ ڪري لائين حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مک جوابدار کي پڻ بھارو پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.