لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي فيصل ڪالوني جي رهواسين 6 ڏينهن اڳ دوستن سان گڏجي وهنجڻ لاءِ وڃڻ بعد پراسرار نموي گم ٿيل 16 سالن جي شاگرد محمد يونس مگسي جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي، ان موقعي تي شاگرد جي پيءُ يوسف مگسي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته شاگرد گذريل 16 جولاءِ جمعي ڏينهن دوستن مصعب ٻرڙو، علي ٻرڙو، جنيد ککراڻي، نويد ککراڻي، عبدالسميع پٺاڻ، مدثر ابڙو ۽ ٻين سان حمير واهه ۾ وهنجڻ لاءِ ويو ته واپس نه آيو، هنن چيو ته شاگرد کي قتل ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن نوجوانن مصعب ٻرڙو ۽ جنيد ککراڻي کي گرفتار ڪري سندن وٽان پٽ جا ڪپڙا ۽ چپل هٿ ڪري کين لاڪپ ڪري ڇڏيو. هنن معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.