ڪنب (ن پ ا) ڪنب شھر جي مک شاهي بازار ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 20 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل رٽائرڊ پوليس اهلڪار امداد حسين گوپانگ ۽ سندس پٽ عمران گوپانگ جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن مان ڪنب پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس موجب رٽائر پوليس اهلڪار امداد گوپانگ ۽ سندس پٽ عمران گوپانگ جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن مان هڪ جوابدار ديدار گوپانگ کي ڪنب پوليس لاڙڪاڻو مان گرفتار ڪري ورتو آھي.