نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل سينگار نوناري آزاد نه ٿيو، سندس چاچي صدمي ۾ فوت، وارثن ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جو 28هين ڏينهن به احتجاج. خبر موجب کنڀي گم ڪيل سينگار نوناري اڃا تائين آزاد نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪالهه سندس پيرسن چاچي مختيار خاتون نوناري صدمي ۾ فوت ٿي وئي، هوڏانهن سينگار نوناري جي وارثن ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن 28هين ڏينهن به احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خالق جوڻيجو، نجيع الله چنا، عابده چنا ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوانن رياست جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو کين بيگناهه کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ھڪ وڏي عرصي کان سنڌ سان محبت ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري سنڌ ۾ ڪربلا برپا ڪئي وئي آهي، ھنن چيو ته گذريل 28ڏينھن کان نصيرآباد ۾ سنڌي قوم جون سوين نياڻيون سينگار نوناري جي آزادي لاءِ ٻاڪاري رھيون آھن پر ڪير به سندن سڏ ورنائڻ وارو ناهي، ھنن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان بيگناهه ھزارين ڪارڪنن کي کنڀيو ويو آهي، جن جا وارث روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته سينگار نوناري کي آزاد ڪيو وڃي.