ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر پوليس ٿاڻي جي حد نظرپور ماتلي باءِ پاس ڀرسان ڦليلي ڪئنال ۾ وهجندي 2 نينگر ٻڏي ويا جنهن مان هڪ 10سالن جي نينگر شيرمحمد پٽ ولي خان پٺاڻ کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو جڏھن ته 12 سالن جي نورمحمد پٽ گل خان پٺاڻ ٻڏي ويو جنهن جو لاش مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪافي ڳولا باجود هٿ نه اچي سگهيو جنهن جي ڳولا جاري آهي ٻئي نوجوان ماتلي شھرجا رهواسي آھن جڏهن وارثن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آھي.