شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڳوٺ سلطان ڀاڻوجو واسي پيرسن زرخان بگٽي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار عبدالرحيم بگٽي رمانڊ دوران پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، انهيءَ حوالي سان پوليس جوابدار جي نشاندهي تي درگاهه اسماعيل شاهه وٽ لوڙھن ۾ اڇلايل قتل واردات ۾ استعمال ٿيل پستول ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون، جنهن بعد پوليس جوابدار عبدالرحيم بگٽي مٿان ناجائز هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪري ورتو، جڏهن ته 6 ڏينهن جو پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار عبدالرحيم بگٽي کي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽر شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري جوابدار کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس عدالتي حڪم تي جوابدار کي سينٽر جيل سانگهڙ منتقل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ شاهپورچاڪر ٿاڻي جي انچارج اسحاق سنگراسي دعويٰ ڪندي چيو ته جوابدار سڱاوتي تڪرار تان پيرسن زر خان بگٽي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ سندس قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ ڪري 3 گوليون هٿ ڪيون آهن. پوليس موجب قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن جوابدارن زر خان بگٽي ۽ ميران بگٽي کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو.