ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مشتاق ابراهيم سومرو کي ايس بي سي اي ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ايس بي سي اي ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته مشتاق ابراهيم سومرو کي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڏنو ويو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ پڻ چئي چڪي آهي ته آئوٽ آف ٽرن پروموشن آئين جي خلاف آهي، ان موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي پهرين ٻڌڻي آهي ته ڌرين جو جواب اچڻ ڏيو. درخواستگذار پاران داخل ڪيل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مشتاق ابراهيم سومرو جي مقرري انتهائي بااثر شخصيت جي چوڻ تي ڪئي وئي آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ آئوٽ آف ٽرن پروموشن کي قانون جي خلاف قرار ڏئي چڪي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته مشتاق ابراهيم سومرو کي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرڻ بابت رڪارڊ طلب ڪري سندس مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.